درسگاهه قاضي شرف الدين

درسگاهه قاضي شرف الدين: هي درسگاهه سيوهڻ ۾ هئي، جيڪا قاضي شرف الدين قائم ڪئي هئي. قاضي شرف الدين، عالم ۽ بزرگ مخدوم محمود جي اولاد مان هو، جنهن ٽلٽيءَ جي مدرسي ۾ مخدوم بلاول کان تعليم حاصل ڪرڻ بعد سيوهڻ ۾ مدرسو قائم ڪري درس تدريس جو ڪم شروع ڪيو هو. سندس درسگاهه ۾ قرآن مجيد، حديث ۽ فقھ جي تعليم ڏني ويندي هئي، پري کان ڪيترن شاگردن وٽس اچي علم پرايو. قاضي شرف الدين حديث جو تمام وڏو عالم ليکيو ويندو هو ۽ وڏا وڏا عالم وٽس اچي شريعت جي پيچيدن مسئلن جو حل ڄاڻندا هئا. مرزا شاهه حسن ارغون کيس سيوهڻ جو قاضي مقرر ڪيو. سندس درسگاهه جي ان دؤر ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ هاڪ هوندي هئي. هن مدرسي جي ڪيترن شاگردن جي ملڪان ملڪ هاڪ هئي، انهن مان قاضي جلال الدين، جيڪو بکر جو واپاري هو، اُن آگري ۾ وڃي علميت جي ڪمال ۽ حق پرستيءَ سبب گهڻو نالو ڪمايو. آگري جي قاضي يعقوب جي معزوليءَ کان پوءِ اتي جو قاضي ۽ مدرس مقرر ٿيو. سيد ابراهيم برهانپور ۾ شيخ جلال متيءَ کان تصوف جي تعليم حاصل ڪري اتي مدرسو قائم ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو